لنڊن، وزيراعظم شهباز شريف طبعيت خراب هئڻ سبب پنهنجي ڏيهه واپسي ملتوي ڪري ڇڏي آهي وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ لنڊن ويو هو ۽ کيس گذريل ڏينهن ملڪ واپس ورڻو هو پر هو وڌيڪ هڪ ڏينهن لاءِ لنڊن ۾ ترسي پيو هو جنهن کانپوءِ اڄ کيس وطن لاءِ روانو ٿيڻو هوشريف خاندان جي ذريعن وٽان اطلاع مليو آهي ته وطن واپسي لاءِ ايئر پورٽ روانگي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي طبعيت خراب ٿي وئي
ذريعن موجب وزيراعظم جي طبعيت خراب هئڻ سبب فيملي کيس سفر نه ڪرڻ جي صلاح ڏني جنهن سبب هن پنهنجي وطن واپسي ملتوي ڪري ڇڏي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ ٻه ڏينهن لنڊن ۾ ترسندو، هاڻ وزيراعظم اڄ يا سڀاڻي رات وطن واپس روانو ٿيندو
