اسلام آباد، لنڊن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نواز شريف، مريم نواز، خواجا آصف، ملڪ احمد خان، سلمان شهباز ۽ ٻين اڳواڻن ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي فيصلن خاص طور نئين آرمي چيف جي مقرريءَ تي صلاح مشورا مڪمل ڪري فيصلا ڪيا ويا. جنهن کانپوءِ شهباز شريف وطن واپسيءَ لاءِ موڪلائي رهيو هو ته اوچتو کيس اهم فون ڪال آئي جنهن جي نتيجي ۾ وزيراعظم وطن ورڻ جو پروگرام عين وقت تي ملتوي ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه الوداعي ملاقاتن جي سلسلي ۾ ڪالهه ملتان کان لاهور پهتو جتي لاهور گيريزن ۾ الوداعي تقريب ٿيڻي هئي. اطلاع ملڻ شرط صدر عارف علوي به لاهور ۾ جنرل باجوه جي قيام کي غنيمت جو موقعو سمجهندي لاهور پهچي ويو. جتي هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته عمران خان سان جنرل باجوه جي ملاقات ٿي وڃي
ان دوران پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا برگيڊ افواهن جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيو ته صدر عارف علوي ۽ عمران خان جي جنرل باجوه سان اهم ملاقات ٿي آهي ۽ معاملا طئه ٿي رهيا آهن. ٿي سگهي ٿو انهن افواهن سبب وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ قيام وڌائي ڇڏيو هجي ان سلسلي ۾ نامياري صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ نواز شريف ۾ نئين آرمي چيف جي معاملي تي ڪونئون بحث ڇڙي پيو آهي، ان ڪري فيصلي جو نئين سر جائزو ورتو پيو وڃي، آرمي چيف قمر جاويد باجوه ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي فيصلن کانپوءِ عمران خان کي ڪنهن به قسم جو رليف ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه آهي پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا برگيڊ اها به پروپيگنڊا ڪري رهي آهي ته صدر، آرمي چيف ۽ عمران ۾ هڪ ملاقات ٿي چڪي آهي. ٻي به ٿيڻي آهي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته اها فقط پروپيگنڊا آهي. ڪور ڪماندرز ڪانفرنس ۽ ان جي روشنيءَ ۾ لنڊن ۾ ٿيل فيصلن ۾هاڻي ڪا اهم تبديلي ممڪن نه آهي ناليواري صحافي نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ شريڪ ضرور هئا پر ڪانفرنس مختصر نوٽيس تي ٿي هئي. جيڪا ٿري اسٽار جنرلن جي ڪانفرنس هئي. ڪانفرنس ۾ مارشل لا جي تجويز به آئي پر 90 سيڪڙو جنرلن ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته هن ڀيري سمري ۾ 5 يا 6 نالا نه ويندا صرف 3 سينئر جنرلن جا نالا ويندا جن مان ٻه اهم مقرريون ٿينديون سينئر صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته 2014ع جيان هن ڀيري به پي ٽي آءِ پنهنجي ملڪ دشمن عمل کي ورجايو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سان پاڪستان کي وڏو معاشي سهارو ملڻ وارو هو. پي ٽي آءِ ان کان پوءِ پروپيگنڊا شروع ڪئي آهي ته ڇا ڪاڻ ته ٻن سينيئر جنرلن جي مذهبي مسلڪ سبب سعودي عرب کي خدشا آهن.ان ڪري دورو ملتوي ٿيو آهي. پر ان ۾ ڪابه صداقت نه آهي. سعودي عرب جي سفارتخاني جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڇاڪاڻ ته سياسي ڇڪتاڻ آهي، ان ڪري اسٽيبلشمينٽ سان صلاح مشوري بعد ڪجهه ڏينهن لاءِ دورو ملتوي ڪيو آهي. ياد رهي ته 2014ع ۾ به چيني صدر پاڪستان اچڻو هو ۽ ملڪ کي معاشي فائدو پهچڻو هو پر پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سبب دورو ملتو ي ٿي ويو هو
