اسلام آباد، منصوبه بندي واري وزارت پاڪستان جي 20 غريب ترين ضلعن جي ترقي لاءِ 5 سالن تي ٻڌل منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي منصوبه بندي واري وزارت سموري پاڪستان جي 20 غريب ترين ضلعن جي لاءِ خصوصي ترقياتي قدمن تي ٻڌل 5 ساله منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جنهن کي سينٽرل ڊوالپمينٽ ورڪنگ پارٽي منظوري لاءِ ايڪنڪ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي هن منصوبي جي پهرين فيز جي لاڳت 40 ارب روپيه آهي جيڪو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ 50 سيڪڙو لاڳت جي ڀائيواري جي بنياد تي مڪمل ڪيو ويندو وفاقي وزير احسن اقبال سي ڊي ڊبليو پي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته پاڪستان جي اقتصادي تاريخ ۾ هي پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو آهي جتي وفاقي حڪومت غريب ترين ضلعن جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. چونڊيل 20 ضلعن ۾ بلوچستان جا 11، سنڌ جا 5، خيبرپختونخواهه جا 3 ۽ پنجاب جو 1 ضلعو شامل آهي هنن مان ڪيترائي ضلعا ٻوڏ جي تباهين سبب سخت متاثر ٿيا آهن وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته هن منصوبي جو بنيادي مقصد ملڪ جي غريب ترين ضلعن ۾ بنيادي ڍانچي ۽ انساني سرمائي جي ترقي ۾ ٽارگيٽيڊ سيڙپڪاري ذريعي جامع ترقي ۽ برابري واري ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي
