اسلام آباد، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. ٽوٽل 12 سئو 11 سيٽن تي 3 هزار 866 اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 101 سيٽن لاءِ 537 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا جنرل ميمبرز جي 606 سيٽن لاءِ 1 هزار 945، عورت ميمبرز جي 202 سيٽن لاءِ 546 ۽ نوجوان ميمبرز جي 101 سيٽن لاءِ 344 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايامزدور هاري ميمبرز جي 101 سيٽن لاءِ 348 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جڏهن ته اقليتن لاءِ مخصوص 101 سيٽن لاءِ 146 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪيا ويااليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب اميدوارن جي فهرست 14 نومبر تي جاري ڪئي ويندي ۽ نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 18 نومبر تائين جاري رهندي
