ميلبورن، آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيو پيو وڃي جتي انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر پاڪستان کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي. ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪري رهيو آهي. نائب ڪپتان شاداب خان به پليئنگ اليون ۾ شامل آهي ٻين رانديگرن ۾ ۾ محمد رضوان، شان مسعود، افتخار احمد، محمد حارث، محمد نواز محمد وسيم جونيئر، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف به ٽيم جو حصو آهن آسٽريليا جي موسميات کاتي آچر ۽ سومر تي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ مليبورن ۾ هن وقت به جهڙالو ماحول آهي پر برسات جو امڪان پهريان کان گهٽ ٿي ويو آهي
