ميلبورن، انگلينڊ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي جو نئون چيمپيئن بڻجي ويو

ميلبورن، اٺين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ انگلستان، پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان هارائي ٻيون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو پاڪستان پهريان کيڏندي 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن نقصان تي 137 رنسون ٺاهيون جواب ۾ انگلينڊ 138 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ انگلش ڪپتان جوز بٽلر ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پاڪستان پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنسون ٺاهيون پاڪستان جي اننگز اوپنر محمد رضوان 15، محمد حارث 8، بابر 32 ۽ افتخار احمد ٻڙي تي آئوٽ ٿيو انکانسواءِ شان مسعود 38، محمد نواز 5، شاداب خان 20 ۽ محمد وسيم جونيئر 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا انگلينڊ جي سيم ڪرن شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو، هن ٽي شڪار ڪيا جڏهن ته ڪرس جارڊن ۽ عادل رشيد ٻه، ٻه ۽ بين اسٽوڪس هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي
انگلينڊ جي اننگز انگلش ٽيم جي اننگز جي شروعات سٺي نه رهي، ايليڪس هيلز شاهين شاهه آفريدي جي پهرين ئي اوور ۾ هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ حارث رئوف فِل سالٽ 7 جوز بٽلر کي آئوٽ ڪيو ان موقعي تي بين اسٽوڪس وڪيٽ تي ڄمي بيهي رهيو ۽ هن 52 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي انگلينڊ طرفان ڪپتان جوز بٽلر 26، هيري بروڪ 20، معين علي 19 ۽ فِل سالٽ 10 رنسون ٺاهي نمايان رهيا پاڪستان جي حارث رئوف ٻه، شاهين شاهه آفريدي، شاداب خان ۽ محمد وسيم جونيئر هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
سيم ڪرن کي ميچ ۽ ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي پليئر آف ميچ ۽ پليئر آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو ويو آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ٻنهي ٽيمن طرفان ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي هئي

پنھنجي راءِ لکو