اسلام آباد،ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

اسلام آباد، پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي. جڏهن ته موسم ٿڌو ٿيڻ سبب شهرين گرم ڪپڙا ۽ سوئيٽر ڪڍي ورتا آهن پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر ڇانيل رهيا ٻنهرن جو پوندڙ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو جنهن سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي. پشاور، مردان، صوابي، چارسده، سوات، خيبر ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب گرمي پد وڌي ويو. اڄ به برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي سوات، مينگوره، ڪالام، بحرين، مالم جبه، وادي ليپه، بالا ڪوٽ، ڌڊيال، اسڪردو، نٿياگلي، چترال ۽ ۾ گذريل رات کان لاڳيتو برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري ٿي رهي آهي. لواري ٽنل، ڪيلاش جي وادين، مڊڪلسٽ، گرم چشمه، اپر چترال جي کهوت، روغل، يارخون، ٽريچ سميت ڪيترن ئي هنڌن تي تي برفباري پئي لاهور ۾ به هلڪي برسات سبب موسم ٿڌو ٿي ويو موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي ڪيترن ئي مٿانهين علائقن ۾ موسم جهڙالو رهندو. جڏهن ته خيبرپختونخواهه، اتر بلوچستان، اسلام آباد، مٿانهين پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جڏهن ته جبلن تي برفباري جو امڪان آهي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو لاهور، اسلام آباد، ملتان، بهاولپور، ساهيوال، چيچه وطني، سرگودها، گجرات، ڪوهاٽ، بنون سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات سبب موسم ٿڌو ٿي ويو

پنھنجي راءِ لکو