اسلام آباد،وزيراعظم شهباز شريف برطانيه کان ملڪ واپس پهچي ويو

اسلام آباد، وزيراعظم شهباز شريف برطانيه کان ملڪ واپس پهچي ويو آهي وزيراعظم شهباز شريف ڪوپ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ مصر جي شهر شرم الشيخ ويو هو جتان کان هو لنڊن روانو ٿي ويو هو وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف سان اهم ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن ملڪ واپسي جي لاءِ ايئرپورٽ پهتو هو پر طبيعت خراب ٿيڻ تي هو واپس گهر روانو ٿي ويو هو

پنھنجي راءِ لکو