اسلام آباد،ڌرڻن سبب روڊن جي بندش، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڌرڻن سبب اسلام آباد ۾ روڊن جي بندش خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ واپارين جي تحريڪ انصاف جي ڌرڻن سبب روڊن جي بندش خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي دوران پڇاڻو ڪيو ته موٽر وي وفاقي حڪومت جي ماتحت آهي. حڪومت موٽر وي ڇو نٿي کولرائي پارليامينٽ جي سامهون به احتجاج ٿيندو آهي پوءِ اوهان اهو ڇو نٿا بند ڪريو؟ سموري اسلام آباد ۾ ڪنٽينر ائين پيل آهن جيئن ڪي سنگين حالتون هجن. اينٽي رائيٽس فورس ڇو نٿا ٺاهيو، ڪنٽينر ڇو لڳائيندا آهيو.؟ ڪنٽينر لڳائڻ جي بجاءِ ڪو ٻيو طريقو استعمال ڇو نٿا ڪريو ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته امن امان صوبائي حڪومت جو معاملو آهي ان لاءِ بند ٿيندو آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي اسلام آباد کان ڌرڻن ۽ رستن جي بندش بابت رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 17 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
ڌرڻن سبب روڊن جي بندش خلاف واپارين درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اپريل ۾ حڪومت جي تبديلي کان پوءِ هينئر تائين احتجاج جاري آهن آزادي مارچ ڌرڻن جو اعلان ۽ اڳواڻن جي هدايت تي روڊ بند ڪيا ويا جنهن سبب شهرين ۽ واپارين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ بنيادي حق به متاثر ٿي رهيا آهن

پنھنجي راءِ لکو