لاهور، تحريڪ انصاف عمران خان مٿان حملي جي ڪيس لاءِ سپريم ڪورٽ، لاهور، ڪراچي پشاور ۽ ڪوئٽه رجسٽري ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ نامزد جوابدارن جا نالا شامل نه ڪرڻ جي قدم کي چئلينج ڪيو ويو درخواست شاهه محمود قريشي، عثمان بزدار، شفقت محمود ۽ ٻين پارليامينٽ جي ميمبرن طرفان داخل ڪئي وئي. دخواست ۾ اعظم سواتي جي واقعي تي ڪارروائي ڪرڻ ۽ ارشد شريف جي گهر ڀاتين جي استدعا تي ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي آهي عثمان بزدار درخواست سپريم ڪورٽ جي ڊپٽي رجسٽرار اعجاز گورانيه وٽ جمع ڪرائي. ڊپٽي رجسٽرار تحريڪ انصاف جي آئيني درخواست وصول ڪري درخواست تي نمبر هڻي ڇڏيو آهي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ان معاملن تي سوموٽو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري تحريڪ انصاف مختلف واقعن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ به درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. درخواست تي 26 ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جون صحيحون موجود آهن. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سمورن واقعن لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مٿان قاتلاني حملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي اهڙي طرح جي درخواست سپريم ڪورٽ پشاور رجسٽري ۾ ڊپٽي اسپيڪر محمود جان، صوبائي وزيرن عاطف خان، شوڪت يوسفزئي، ڪامران بنگش، ڊاڪٽر امجد، سينيٽر عثمان ترڪئي ۽ عورت ايم پي ايز طرفان به جمع ڪرائي وئي
