لاهور،چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي ايترو ڪمري نه ڪري جو عوام انصاف گهرڻ ڇڏي ڏئي، فواد چوڌري

لاهور، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته چيف جسٽس کان گذارش ڪندس ته هو سپريم ڪورٽ جي اهم اداري کي ايترو ڪمزور نه ڪري سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري مان چيف جسٽس کي گذارش ڪندس ته سپريم ڪورٽ جي اهم اداري کي ايترو ڪمزور نه ڪريو جو عوام ان طرف ڏسڻ ڇڏي ڏئي. ملڪ جي ماڻهن جو عدالتن ۽ ادارن مٿان ڀروسو گهٽ ٿي ويو آهي. برطانوي عدالت هڪ ڪيس ۾ التوا تي شهباز شريف مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيو. ان جي ڀيٽ پاڪستاني عدالت سان ٿي رهي آهي هن چيو ته مان چيف جسٽس ۽ سينئر ججز، خاص طور تي هاءِ ڪورٽ جي چيف جج صاحبان کي چوندس ته اوهان جي ڀيٽ دنيا سان ٿي رهي آهي. پاڪستان جي عدالتي نظام جو تاثر سٺو نه پيو وڃي. لڳي ٿو پاڪستان ٺاهڻ ري پبلڪ بڻجي ويو آهي جنهن ۾ جنهن کي جيڪا مرضي وڻي اهو ائين ڪري فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ بند ڪمرن ۾ فيصلا نٿا ٿي سگهن جيڪڏهن سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 69 جي نئين تشريح ڪري اسپيڪر جي اختيارن جي ڀڃڪڙي نه ڪري ها ته اڄ ملڪ ۾ نيون چونڊون ٿي چڪيون هجن ها ۽ ملڪ جي صورتحال به بهتر ٿي وڃي ها اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته سياسي فيصلا سياستدانن کي ڪرڻا هوندا آهن جتي فيصلا ناهن ٿيندا سپريم ڪورٽ ۽ عدالتون فورن فيصلا ڪري ڇڏيون آهن ۽ جتي فيصلا ڪرڻ گهرجن اتي اسان منٿون ڪري ٿڪجي پوندا آهيون پر ڪجهه به ناهي ٿي سگهندو. جنهن سبب عدالتي نظام جو بحران پيدا ٿي ويو آهي فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ادارن غلط فيصلن سان پاڻ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. اسان اڳ ئي چيو آهي ته تڪرارن کان بچو ۽ معاملن کي اڳيان کڻي هلو. ملڪ ۾ اتفاق راءِ آهي صرف صحيح رستي جي چونڊ ڪئي وڃي. حڪومت جي تبديلي جو آپريشن غلط هو، هاڻ 2 رستا آهن يا ته غلطي جي اصلاح ڪريو يا پوءِ غلط فيصلي کي سڀ مڃي وٺون. پر مان اهو به چوڻ چاهيندس ته ماڻهون رڍون ٻڪريون نه آهن. اصلاح ئي واحد حل آهي اوهان هن فيصلي کي صحيح ڪريو، اسان هر ممڪن تعاون ڪنداسين

پنھنجي راءِ لکو