ڪراچي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مڪاني چونڊن ۾ دير بابت داخل درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو مڪاني چونڊن ۾ دير خلاف درخواستن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي جنهن ۾ آءِ جي سنڌ، اليڪشن ڪمشنر سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ عدالت ۾ پيش ٿيا. جماعت اسلامي طرفان حافظ نعيم الرحمان به عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر ۽ خواجه اظهار به عدالت پهتا ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ نفري جو انگ ۽ مقرري جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. جنهن تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته رينجرز جي رپورٽ ڪٿي آهي؟ عدالت طرفان پڇاڻي تي رينجرز جي رپورٽ به جمع ڪرائي وئي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته اسان وٽ مڪمل فورس هڪ لک 18 هزار آهي جنهن تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پڇيو ته دفاعي نمائش ۾ ڪيتري نفري آهي آءِ جي سنڌ پوليس ٻڌايو ته ايڪسپو سينٽر ۾ 3 هزار نفري مقرر آهي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته 2 اهم مسئلا آهن پوليس ۽ رينجرز سيڪيورٽي ڏيڻ کان انڪاري آهي
جسٽس يوسف علي سعيد چيو ته ڇا اوهان چاهيو ٿا ته اسان ٽيوشن ڪلاس ڪرايون ڪوچنگ به ڏيون؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل جواب ڏنو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، صوبائي حڪومت جو نه، اسان پهرين مرحلي جون چونڊون ڪرائي چڪا آهيون، هاڻ به ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهيون. جيڪڏهن چونڊون سڀاڻي ڪرايون وڃن ته اسان ان لاءِ به تيار آهيون سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اسان زميني حقيقتون ٻڌائي ڇڏيون آهن، اليڪشن ڪميشن سمورين ڌرين ۽ زميني حقيقتن جو جائزو وٺي فيصلو ڪري. اليڪشن ڪميشن وٽ آئيني اختيار آهي اها پاڻ فيصلو ڪندي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪمشنر کان پڇاڻو ڪيو ته ڪڏهن چونڊون ڪرائيندو؟ جنهن تي سنڌ جي چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ڏنو ته اسان چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. عدالت ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري ڇو توهين عدالت ڪري رهيا آهيو، هڪ وقت تي چونڊون نٿيون ٿي سگهن ته مرحليوار ڪرايون وڃن اليڪشن ڪمشنر ٻڌايو ته ٻنهي ڊويزنن ۾ 1307 حساس پولنگ اسٽيشنون آهن جنهن تي عدالت پڇيوته حساس پولنگ اسيشن جو ڇا مطلب آهي؟ ڇا فورس مقرر نه ٿيندي. جنهن تي اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. پوليس ۽ گهرو وزير سيڪيورٽي فراهم ڪن.
چيف جسٽس پڇاڻو ته ڪراچي ڊويزن ۾ ڪيترن ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائيندو؟ جنهن تي اليڪشن ڪمشنر ٻڌايو ته 15 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائي ڇڏينداسين. عدالت آءِ جي سنڌ کان پڇيو ته اوهان ٻڌايو، ڪيتري فورس ڏيندو جنهن تي آءِ جي سنڌ جواب ڏنو ته اوهان جيتري چوندو اوتري فورس ڏني ويندي ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وڪيل چيو ته سڀاڻي اليڪشن ڪميشن سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اسلام آباد طلب ڪيو آهي. اسان به ان مان متاثر ٿيا آهيون، جنهن وقت چونڊن جو اعلان ٿيو اليڪشن ڪميشن جو ڪورم پورو نه هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان چاهيو ٿا ته چونڊون نه ٿين. جنهن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وڪيل چيو ته اسان جي اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۽ فيصلن بابت اهم درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي. اليڪشن ڪميشن اڻ مڪمل ڪورم باوجود اهم فيصلا ڪيا جيڪي غيرقانوني ۽ بنا جواز آهن
