اسلام آباد،وزيراعظم شهباز شريف ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

اسلام آباد، وزيراعظم شهباز شريف هڪ دفعو ٻيهر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته لاڳيتو 2 ڏينهن کان وزيراعظم شهباز شريف جي طبيعت خراب هئي. ڊاڪٽرن جي مشوري سان اڄ سندس ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي وئي جنهن ۾ سندس ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي مريم اورنگزيب عوام ۽ ڪارڪنن کي وزيراعظم جي جلد صحتيابي جي اپيل ڪري ڇڏي آهي
ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن پرڏيهي دوري کان جيئن ئي ملڪ پهتو ته سندس طبيعت ناساز هئي، جنهن تان سندس ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي وئي جيڪا پازيٽو اچي وئي. ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ ملڪ جي سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن وزيراعظم شهباز شريف جي جلد صحتيابي لاءِ دعائون ڪيون آهن

پنھنجي راءِ لکو