سکر ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪندي قبضه خورن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل مختيار ڪار اعجاز چانڊيو واري واقعي خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين ۾ ڪم ڪار بند ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ سنڌ هائي ڪورٽ سکر بئنچ ، سيشن ڪورٽ سکر سميت ٻين ماتحت عدالتن ۾ عارضي طور ڪاروهنوار معطل ڪري ڇڏيو وڪيل فقط فڪس ٽائيم ۽ اهم نوعيت وارن ڪيسن ۾ عدالتن ۾ پيش ٿيا
