ڪراچي، سنڌ ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي هڙتال، صحت کاتي رينجرز ۽ پاڪ فوج کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي، سنڌ جي صحت کاتي ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي هڙتال کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي هڙتال سبب رينجرز ۽ پاڪ فوج کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ انهن جي ميڊيڪل ڪور کان مدد جي درخواست به ڪئي وئي آهي
ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر چيو ته رينجرز طرفان پنهنجا ڊاڪٽرز ۽ طبي عملو ڏيڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي جنهن کان پوءِ فوري طور تي ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي جون 650 ڀرتيون شروع ڪنداسين جڏهن ته پرائيويٽ عملي جي مدد سان اسپتال کي صاف رکڻ جي به ڪوشش ڪئي پئي وڃي صحت کاتي جي اختيارين موجب پاڪ فوج پاڻ ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي جي کوٽ کان پوءِ مدد لاءِ تيار آهي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪم جاري رکڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.
اختيارين وڌيڪ چيو ته فلاحي ادارن کان وقتي طور تي ڊاڪٽر ۽ طبي عملو وٺڻ جون ڳالهيون جاري آهن. جڏهن ته آرمي ميڊيڪل ڪور به جناح اسپتال کي ڊاڪٽر ۽ طبي عملو ڏيڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي

پنھنجي راءِ لکو