اسلام آباد، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان توهين عدالت ڪيس ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ هن چيو آهي ته اڻڄاڻائي ۾ کنيل قدم تي مون کي سخت ڏک پهتو آهي
اڳوڻي وزيراعظم سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته ڄاڻي واڻي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي توهين ناهي ڪئي. يقين ڏياريان ٿو ته مون کي 25 مئي جي شام تائين عدالتي حڪم جي باري ۾ آگاهه نه ڪيو ويو. عمران خان پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ بابر اعواڻ جي مون سان ملاقات ڪرائڻ جو به چيو. پر عدالتي حڪم جي باوجود انتظاميه بابر اعواڻ جي مون سان ملاقات ۾ ڪا سهوليت نه ڪئي
عمران خان عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته 25 مئي تي 6:45 تي ڪارڪنن کي ڏنل وڊيو پيغام سياسي ڪارڪنن جي ڄاڻ تي جاري ڪيو. احتجاج دوران جيمرز سبب فون ذريعي رابطو ناممڪن هو، عمران خان چيو ته اڻڄاڻائي طور تي کنيل قدم تي ڏک پهتو آهي عمران خان چيو ته 25 مئي تي ڊي چوڪ وڃڻ جو سڏ حڪومتي رويي خلاف پرامن احتجاج لاءِ هو. منهنجي يا تحريڪ انصاف طرفان ڪنهن وڪيل کي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ شامل ٿيڻ جو ناهي چيو ويو. مون کي هاڻ ٻڌايو ويو آهي ته اسد عمر جي نائن گرائونڊ جي حوالي سان هدايتون ڏنيون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ عمران خان جو موقف هو ته ان ڳالهه جي ترديد ڪريان ٿو ته ادارن جون رپورٽون عدالتي حڪم جي نافرماني ثابت ڪن ٿيون. ادارن جون رپورٽون حقيقتن جي خلاف آهن. ايجنسين جون رپورٽون هڪ طرفيون آهن. عمران خان جي صحيح سان عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته توهين عدالت جي ڪارروائي ختم ڪئي وڃي هوڏانهن تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ به توهين عدالت ڪيس ۾ پنهنجو نالو ڪڍرائڻ جي استدعا ڪري ڇڏي. هن سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته 25 مئي تي ايڊووڪيٽ فيصل فريد مون کي عدالتي نوٽيس جو ٻڌايو. بطور وڪيل جي طور تي 40 سال عدليه جي خدمت ۾ گذاريا آهن بابر اعواڻ جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسد عمر رابطي تي زباني هدايتون ڏنيون. اسد عمر جي زباني هدايتن تي سپريم ڪورٽ کي يقين ڏياريو. عدالت کي ارادي يا غير ارادي طور تي گمراهه ناهي ڪيو. سٺي نيت سان عدالت جي مدد ڪئي. عدالتي حڪم موجب تحريڪ انصاف اڳواڻن سان منهنجي ۽ فيصل چوڌري جي ملاقات جو انتظام حڪومت جي ذميواري هئي. حڪومت عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو
