لاهور، پنجاب حڪومت تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي لاهور رهائشگاهه زمان پارڪ جي سيڪيورٽي جي نالي تي ماهوار 10 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو خرچ برداشت ڪندي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پنجاب جي ناڻي تي بار بڻيل آهن ڇو ته لکين شهرين جي سيڪيورٽي هڪڙي ماڻهو تي لڳائي وئي آهي عمران خان جي لاهور ۾ زمان پارڪ جي رهائشگاهه تي سيڪيورٽي جي نالي تي پنجاب حڪومت ماهوار 10 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ خرچ برداشت ڪندي لاهور ۾ عمران خان جي رهائشگاهه تي خيبرپختونخواهه پوليس، لاهور پوليس سميت ٻين ادارن جا سوين ملازم مقرر آهن. جڏهن ته زمان پارڪ تي مقرر 516 اهلڪارن جي ڊيوٽي به 12 ڪلاڪ ڪئي وئي آهي جنهن جي لاءِ واش رومز ۽ کائڻ پيئڻ جو ڪوبه انتظام نه آهي عمران خان جي زمان پارڪ جي رهائشگاهه تي بم پروف ديوار ۽ ڪنٽرول روم کان علاوه مورچه بندي تي ماهوار 10 ڪروڙ روپين جي خرچ جو اندازو لڳايو ويو آهي پوليس آبادي جي تناسب سان هڪ ڪانسٽيبل 450 شهرين جي حفاظت جو ذميوار آهي. زمان پارڪ ۾ مقرر 516 اهلڪار 2 لک 32 هزار 200 شهرين جو تحفظ ڇڏي تحريڪ انصاف چيئرمين جي سيڪيورٽي تي مقرر ڪيا ويا آهن
