لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي هدايت تي لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف هلندڙ ڪارواين دوران مختلف علائقن مان 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ڪارروائي دوران غير قانوني هٿيار، منشيات، هڪ لک روڪ رقم، موبائل فون، سولر پليٽ پڻ هٿ ڪئي وئي آهي ان حوالي سان حيدري ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ دوران جوابدار محمد علي سولنگي کي بنا جواز ريوالور ۽ گوليون رکڻ تي گرفتار ڪيو. گوهرآباد ٿاڻي جي پوليس گشت دوران جوابدار سجاول شيخ کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتو سي آءِ اي پوليس اسٽيشن علي گوهرآباد جي حد ۾ جوا جي دڪان تي ڪامياب ڇاپو هنيو جتان 7 جوارين بدر علي، نياز، نظام الدين، رياض، مظهر، غلام نبي، لقمان جتوئي کي روڪ رقم 54000 هزارن ۽ ڪارڊن سميت گرفتار ڪري علي گوهر آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو
جڏهن ته دڙي پوليس منشيات فروش عرفان جروار کي منشيات سميت گرفتار ڪيو آهي ۽ وليد پوليس حڪيم علي گوپانگ جو چوري ٿيل موبائيل فون هٿ ڪري ورتو آهي. اهڙي طرح دڙي پوليس شهري بشير احمد وٽان چوري ٿيل عبدالرسول شيخ جي سولر پليٽ ۽ 50 هزار روڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي،حيدري پوليس شهري ثناءُ الله لاڙ جو چوري ٿيل موبائل فون هٿ ڪري مالڪ حوالي ڪري ڇڏيو آهي
