اسلام آباد، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق تحريڪ انصاف جي ڌرڻي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته هو موٽر وي تي ڌرڻو هڻي بيهي رهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي ڌرڻن سبب روڊن جي امڪاني بندش خلاف واپارين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪنٽينرز کي رستن ۾ بيهاريو ويو آهي جنهن سبب پريشانيون پيدا ٿي رهيون آهن چيف جسٽس عامر فاروق آڏو ايڊووڪيٽ جنرل بيرسٽر جهانگير جدون ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته ڌرڻي ۽ جلسي جي اين او سي لاءِ تحريڪ انصاف جي درخواست به ٻڌڻي هيٺ آهي ان کي به گڏ ٻڌي سگهجي ٿو. عدالت واپارين جي درخواست کي تحريڪ انصاف جي ڌرڻي ۽ جلسي جي اين او سي حاصل ڪرڻ واري درخواست سان گڏ ڪري ڇڏيو ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل عدالت کي ٻڌايو ته قانوني راءِ جي لاءِ قانون واري وزارت کي لکيو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته اهڙي طرح جي شين ۾ فوري ايڪشن وٺڻ گهرجي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته هاءِ ويز ۽ موٽر ويز تي ٽريفڪ جي رواني يقيني بنائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا وڃن چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ويز ۽ موٽر ويز کي بند ڪنداسين ته واپار به متاثر ٿيندو اهو ڪنهن کي به حق ناهي ته هو چئي ڇڏي ته موٽر وي تي ڌرڻو هڻندو ۽ اتي بيهي رهندو. جسٽس شوڪت عزيز صديقي ڌرڻي واري ڪيس ۾ فيصلو ڏنو هو ته سمورا جلسا پريڊ گرائونڊ ۾ ٿيندا، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد عدالت کي ٻڌايو ته فيصلو اسان جي درخواست تي آيو هو چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اسلام آباد ۾ پرڏيهي به ترسيل آهن. ڊپلوميٽڪ موومينٽ به متاثر ٿي آهي جيڪي جلسو ڪرڻ چاهين ٿا انهن جو اهو حق آهي پر عام شهرين جا حق متاثر نه ٿيڻ گهرجن. هاءِ ويز ۽ موٽرويز تي ڪنٽرول فيڊريشن جو آهي اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته فيڊريشن ان بابت ڊائريڪشن ڏئي سگهي ٿي. هن درخواست کي تحريڪ انصاف جي درخواست سان گڏ ڪري ٿا ڇڏيون جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جلسن ۽ ڌرڻن سبب رستن جي بندش خلاف واپارين جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي
