اسلام آباد، چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته لانگ مارچ سياسي مسئلو آهي جنهن جو سياسي حل نڪري سگهي ٿو، عدالت سياسي معاملن ۾ صبر جو مظاهرو ڪري رهي آهي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي عمران خان جي لانگ مارچ خلاف سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي
عدالت سوال ڪيو ته ڇا عمران خان جي لانگ مارچ لاءِ جڳهه جو هنڌ ٻڌايو ويو آهي انتظاميه کان پڇا ڪري عدالت کي آگاهي ڏني وڃي عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته اڌ ڪلاڪ ۾ انتظاميه کان پڇي ٻڌايو وڃي ٻڌڻي جي ٻيهر شروعات تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون عدالت ۾ پيش ٿيو ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته لانگ ماچ جي حوالي سان انتظاميه ڇا چيو آهي، ان تي ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته انتظاميه کي اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جي لاءِ تحريڪ انصاف جو خط مليو، انتظاميه طرفان تحريڪ انصاف کان تاريخ، وقت ۽ جڳهه جو پڇيو ويو جنهن جو جواب ناهي ڏنو ويو. وزيرآباد واقعي کان اڳ تحريڪ انصاف رتو ڇاڻ جون ڳالهيون ڪيون. واقعي کان پوءِ انتظاميه تحريڪ انصاف کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت تي ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي جسٽس عائشه چيو ته تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ ته ڪافي ڏينهن کان هلي رهيو آهي. ڇا اوهان انتظاميه سان رابطو ڪيو آهي، لانگ مارچ جي معاملي ۾ تڪڙ ڇو پئي ڪئي وڃي؟ ان ۾ انتظاميه جي غفلت ڪهڙي آهي چيف جسٽس چيو ته لانگ مارچ سياسي مسئلو آهي جنهن جو سياسي حل نڪري سگهي ٿو. اهڙي قسم جي مسئلن ۾ مداخلت سان عدالت جي لاءِ عجيب صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي. اوهان پنهنجي درخواست ۾ هڪ آڊيو جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان آڊيو ۾ هٿيار آڻڻ جو ذڪر آهي، آڊيو سچي آهي يا ڪوڙي پر ان سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي.
جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته احتجاج جو حق لامحدود نه آهي آئيني حدن سان مشروط آهي. جيڪڏهن واضح طور تي آئين خلاف ڀڃڪڙي جو خطرو هجي ته عدليه مداخلت ڪندي، ٿي سگهي ٿو ته ڀڃڪڙين تي ٻئي ڌر جو موقف پنهنجو هجي، سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي تي عدالت جي لاءِ معاملو پيچيده ٿي ويندو آهي. عدالت جا حڪم عمل ڪرڻ جي لاءِ هوندا آهن. ان دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته هاڻ ته موجوده درخواست غير موثر ٿي وئي آهي ايڊيشنل اٽارني جنرل پنهنجي موقف ۾ چيو ته امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ عدالت جي مداخلت چاهيون ٿا، ان تي جسٽس اطهر چيو ته ڇا اوهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته صورتحال ايگزيڪٽو جي وس کان ٻاهر ٿي چڪي آهي عدالت چيو ته ڇا وفاق کي ان ڳالهه جي خبر ناهي ته پنهنجي ذميواري ڪيئن پوري ڪرڻي آهي؟ سپريم ڪورٽ انتظامي معاملن ۾ ڇا ڪري سگهي ٿي؟ رياست طاقتور ۽ بااختيار آهي چيف جسٽس چيو ته سمجهي سگهو ٿا ته اوهان موجوده صورتحال کان پريشان آهيو، ملڪ ۾ هنگاما نه امن امان چاهيون ٿا پر اهڙو حڪم ڏيڻ نٿا چاهيون جيڪو وقت کان اڳ هجي ۽ ان تي بعد ۾ عمل به نه ٿي سگهي.
جنهن کان پوءِ عدالت غير موثر هجڻ جي آڌار تي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي لانگ مارچ خلاف درخواست اُڪلائي ڇڏي
