لاهور، تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته جيڪي ماڻهو مارچ ۾ لکين ماڻهن کي آڻڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا اهي اسڪول جي اسيمبلي جيترا ٻار به نه آڻي سگهيا تحريڪ انصاف جو اڳوڻو ايم اين اي فيصل واوڊا برطانيه مان ريڪور فنڊز جي بحريه ٽائون مان مبينه غيرقانوني سيٽلمينٽ ڪيس ۾ نيب جي گڏيل جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيو ذريعن موجب جاچ ٽيم فيصل واوڊا جو بيان رڪارڊ ڪري کيس سوالنامو ڏنو، جڏهن ته ٽيم طرفان فيصل واوڊا کان لکت ۾ سوال گهريا ويا آهن. جنهن جا جواب جمع ڪرائڻ لاءِ فيصل واوڊا کي ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي فيصل واوڊا کي عمران خان جي ڪابينه طور طلب ڪيو ويو آهي. اڳوڻي ايم اين اي ڊسمبر 2019 جي ڪابينه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي جنهن ۾ سيٽلمنٽ جو رڪارڊ سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. شهزاد اڪبر ڪابينه اجلاس ۾ بريفنگ پڻ ڏني هئي.
نيب پيشي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي ايم اين اي فيصل واوڊا چيو هو ته تحريڪ انصاف حڪومت دوران تحريڪ انصاف جي ماڻهن کي تمام گهڻي تڪليف پهتي جڏهن منهنجو ۽ شهزاد اڪبر جو جهيڙو ٿيو هو ته مون عمران خان کي چيو هو ته شهزاد اڪبر ملڪ ڇڏي ويندو، شهزاد اڪبر اعظم خان جو ويجهو دوست آهي فيصل واوڊا چيو ته پاڪستان کي 190 ملين پائونڊز جو نقصان ٿيو آهي جيڪڏهن نيب پنهنجي پراڻي نيب چيئرمين جي ليڪ ٿيل وڊيو جي جاچ ڪري ها ته ڪيسز جي جاچ ڪرڻ آسان هجي ها اڳوڻي ايم اين اي چيو ته نيب ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ اهي ماڻهو ڊڄندا آهن جن ڪرپشن ڪئي هجي، مان نيب ۾ سلطاني شاهد نٿو بڻجي سگهان فيصل واوڊا چيو ته عمران خان تي پنهنجا ماڻهو تمام گهڻو يقين ڪندا آهن، سندس چوڌاري سازشي ماڻهو آهن مان نه عمران خان جي خلاف هئس ۽ نه ئي وري آهيان جڏهن وقت ايندو ته ٻن خاص ماڻهن جا نالا سامهون آڻيندس، مون اڳ ئي چيو هو ته صحافي ارشد شريف جو قتل پلان تحت ڪيو ويو آهي جنهن جو منصوبو پاڪستان ۾ ٺهيو هو. مون اهو به اڳ چيو هو ته تحريڪ انصاف جو مارچ خوني ٿيندو ڇا مون غلط چيو هو
