ملڪ ۾ فوج ڪنٽرول سنڀالي ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي سخت سزائون ڏئي، چائنہ وانگر انهن ڪرپٽ ماڻهن کي گوليون هڻي ماري ڇڏي ۽ پوء انهن جي گهر ڀاتين کان پئسا

گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي ڀيڻ مليحه سومرو چيو آهي ته مان کليو چوان ٿي ملڪ ۾ فوج ڪنٽرول سنڀالي ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي سخت سزائون ڏئي، چائنہ وانگر انهن ڪرپٽ ماڻهن کي گوليون هڻي ماري ڇڏي ۽ پوء انهن جي گهر ڀاتين کان پئسا واپس وٺي کين لاش حوالي ڪري، هتي ڪرپشن جي حد ٿي وئي آهي جو اليڪشن ۾ هارايل ماڻهن کان ڊپٽي ڪمشنر لسٽون طلب ڪري پڇا ڪري رهيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ متاثرن جو راشن ڪاٿي پهچايون، اهو راشن ڪنهن جي پيءُ جو ناهي اهو اسان جي ٽيڪس جي پئسن مان خريد ڪيل آهي، ان تي صرف غريب عوام ۽ برسات متاثرين جو حق آهي، منهنجي آواز کي دٻائڻ لاء قاتلاڻو حملو ڪرايو ويو، ته جيئن آئون غريبن جي حقن لاء آواز اٿاري نه سگهان پر مان آخري دم تائين غريبن جو ساٿ نه ڇڏيندس، اهڙيون ڳالهيون هن سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندر ڪيون، مليحه سومرو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻه هزار ڏھ جي سيلاب بعد ورلڊ بينڪ پاران جيڪب آباد ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاء چاليھ جڏهن ته تعليم ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي لاء ٽيھ ارب روپيا ڏنا هئا، جيڪي ڪرپشن جي ور چڙهي ويا، مان ڪرپشن جي خلاف گذريل چار سالن کان نيب ۾ پيش ٿيندي رهان ٿي، مگر اڄ تائين ڪجھ به ناهي ٿيو، پراسيڪيوٽر ۽ ٻيا آفيسر ڪرپشن ڪندڙن سان ملي وڃن ٿا، هن چيو ته مونتي قاتلاڻو حملو انهن ڪرايو جن وٽ غنڊا آهن ۽ اهي ڀتو وصول ڪندا آهن، هٿيارن جي زور تي دهشت ڦهيلائيندا آهن پر مان انهن کان ڊڄڻ واري ناهيان، هن چيو ته قانون ٺاهيندڙ خود چور آهن، پارليمينٽرز ئي پنهنجي مرضي وارا آفيسر مقرر ڪرائين ٿا ۽ پوءِ انهن کان مرضي مطابق ڪم وٺن ٿا، جڏهن مارشلا ۽ فوج جي ڳالھ ڪئي وڃي ٿي ته چون ٿا جمهوريت کپي ۽ جمهوريت کي هلڻ ڏنو وڃي، پر هن وقت ڊڪٽيٽر شپ هلي رهي آهي، ماضي ۾ ڊپٽي ڪمشنر اعلي تعليم يا فته هوندا هئا جيڪي عوام جا مسئلا حل ڪري نالو ڪمائيندا هئا، هاڻي افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سي ايس پي آفيسر جيڪي سياسي بنيادن تي مقرر ٿين ٿا انهن کي عوامي مسئلن جي حل لاء ڪابه دلچسپي ناهي، اهي صرف ڪرپشن ڪري مال ميڙيندڙ آهن، هن چيو ته سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاء فوج اچي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي چائنہ وانگر سزائون ڏئي انهن کي گولي سان ماري پوءِ گولي جا پئسا به انهن جي گهر ڀاتين کان وصول ڪيا وڃن، تڏهن ملڪ ۾ سڌارو ممڪن ٿي سگهي ٿو.

پنھنجي راءِ لکو