مٽياري،ڊي سي مٽياري محمد عدنان رشيد کي اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪري ورتو

مٽياري، اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي ٽيم سرچ وارنٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان رشيد کي گرفتار ڪري ورتو پوليس ڪارروائي دوران ضروري ڪاغذن سميت اهم رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ياد رهي ته هڪ ارب 81 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن واري معاملي تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان رشيد کي ڪجهه ڪلاڪ اڳ چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان عهدي تان هٽايو ويو هو. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد منصور عباسي کي پڻ معطل ڪري ڇڏيو هو ،ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته ڊي سي مٽياري عدنان رشيد کي سندس گهر مان گرفتار ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اهي به رپورٽون اچي رهيون آهن ته لينڊ ايڪوزيشن آفيسر منصور عباسي موقعي تان فرار ٿي ويو آهي ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سکر حيدرآباد موٽر وي منصوبي جي رقم ۾ پوڻا 2 ارب روپين جي مبينه ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو هو. 2 سال اڳ ڊي سي لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جي اڪائونٽ ۾ رقم منتقل ڪئي، لينڊ اڪيوزيشن آفيسر 4 ارب 9 ڪروڙ مان هڪ ارب 82 لک روپيه ڪڍرائي. لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جي دعويٰ آهي ته 1 ارب 82 لک روپين ۾ 300 ايڪڙ زمين خريد ڪئي آهي دستاويزن ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته رقم 2 سالن تائين اڪائونٽ ۾ رهڻ تي بئنڪ مان 54 ڪروڙ روپين جو منافعو پڻ ٿيو. ان حوالي سان اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان رشيد جو چوڻ آهي ته 54 ڪروڙ روپين جي منافعي جي رقم به خرچ نه ڪئي وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو