ڪراچي، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين حڪومت کي احتجاجي خط لکي پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي گذريل ڏينهن حڪومت پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو هو پر آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين حڪومت کان قيمتون وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ هڪ احتجاجي خط به لکي ڇڏيو آهي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي ايڊوائري ڪائونسل طرفان مملڪتي وزير مصدق ملڪ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته منظور ٿيل فارمولي تحت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿيڻي هئي پر حڪومت پيٽروليم ليوي کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪري قيمتون گهٽ ڪيون خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت پيٽرول تي 3 روپيه 21 پئسا في ليٽر مارجن کي گهٽ ڪيو. آگسٽ کان هينئر تائين 7 ارب 55 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿي چڪو آهي. قيمتون زبردستي برقرار رکڻ سان انڊسٽري مٿان بار وڌي رهيو آهي
