اسلام آباد، توهين عدالت ڪيس، عمران خان جي جواب تي گهرو وزارت شاهديون سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيون

اسلام آباد، سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ گهرو وزارت طرفان عمران خان جي جواب تي جمع ڪرايل شاهدين تي تحريڪ انصاف کي جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٿي ٻڌڻي دوران گهرو وزارت جي وڪيل عمران خان جي جواب تي عدالت ۾ وڊيوز ۽ دستاويزي شاهديون جمع ڪرائي ڇڏيون گهرو وزارت جي وڪيل سلمان اسلم بٽ عدالتي کي ٻڌايو ته عمران خان جي جواب ۾ گهرو وزارت جواب داخل ڪيو آهي، گڏيل جواب سان يو ايس بي به جمع ڪرائي وئي آهي گڏيل جواب جي ڪاپي عمران خان جي وڪيل کي به ڏني وئي آهي جنهن تي عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجه چيو ته مون کي يو ايس بي ناهي ملي سلمان اسلم بٽ عدالتي کي ٻڌايو ته يو ايس بي مان ثابت ٿئي ٿو ته تحريڪ انصاف جو 25 مئي تي لانگ مارچ جو حدف ڊي چوڪ وڃڻو هو، يو ايس بي ۾ موجود شاهدين مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته موبائل سروس بند نه هئي، لانگ مارچ جي ڪنٽينر تان لاڳيتو سوشل ميڊيا تي ٽوئٽ ۽ پوسٽون ٿينديون رهيون آهن جسٽس مظاهر نقوي پڇيو ته جيڪڏهن يو ايس بي جي ٻئي سايڊ ترديد ڪري ڇڏي ته پوءِ ڇا ٿيندو،عدالت ۾ قبول جوڳين شاهدين بابت قانون پڙهو جنهن تي گهرو وزارت جي وڪيل چيو ته ٻئي طرف کان بيشڪ ترديد ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف جي پنهنجي اڪائونٽس تان ٽوئٽيس ٿينديون رهيون آهن. جيمرز جي موجودگي ۾ ٽوئٽس ڪيئن ٿي سگهن ٿا جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته گڏيل درخواست جي ڪاپي ٻئي سائيڊ کي ڏيو جڏهن ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهين عدالت ڪيس جون ڪجهه حقيقتون آهن جيمرز بابت اوهان وضاحت ڪري ڇڏي آهي چيف جسٽس سلمان اسلم بٽ سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان موجب عمران خان جي ڪنٽينرز جي چوڌاري جيمرز نه هئا، عمران خان ۽ سندس وڪيل بابر اعوان ۽ فيصل چوڌري جواب جمع ڪرايو آهي. سپريم ڪورٽ هن ڀيري به محتاط آهي اسان جي حڪمن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي. عمران خان تفصيلي جواب جمع ڪرايو آهي اميد آهي ته عمران خان صحيح ۽ حقيقتن تي ٻڌل جواب جمع ڪرايو هوندو. اسان في الحال ڪوبه حڪم نامو جاري نٿا ڪريون چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اوهان جو دليل آهي ته عدالتي حڪم نامو ميڊيا پوءِ سوشل ميڊيا ذريعي پوري ملڪ تان پکڙجي چڪو هو جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته مون کي ياد آهي ته اسان آءِ جي کي طلب ڪيو هو. آءِ جي چيو هو ته وقت گهٽ آهي اسان سيڪيورٽي ڏيڻ جو يقين نٿا ڏياري سگهون. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت ۾ چيو ته تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ اچي رهيو آهي عدالت کي استدعا آهي ته تحريڪ انصاف کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪري.
چيف جسٽس پڇيو ته اوهان هن ڪيس جي گذريل ٻڌڻي جو حڪم نامو پڙهيو؟ اسان جي هڪ جج جسٽس يحيٰ آفريدي گذريل آرڊر تان اختلاف ڪيو آهي. عمران خان جي وڪيل کي هدايت ڪري ٿا ڇڏيون ته پنهنجي موڪل کي پرامن رهڻ جو چئي ڇڏي.
تحريڪ انصاف جي وڪيل سلمان اڪرم راجه چيو ته مون وٽ هن معاملي تي موڪل جون هدايتون نه آهن جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته ڇا اوهان اميد ڪريو ٿا ته اوهان جو موڪل عمران خان قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو؟ ڪيس کي جذباتي ٿي نه پر سڪون سان ٻڌڻ گهرجي ها جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان کي گهرو وزارت جي شاهدين تي جواب ڏيڻ جو وقت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پنھنجي راءِ لکو