سکر سيشن ڪورٽ حدود جي عدالت زمين تي قبضي بابت داخل ڪرايل سڌي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي 8 اٺ سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سکر سيشن ڪورٽ حدود جي عدالت ۾ ڪنڌرا جي رهواسڻ مسمات فائزه مهر پنهنجي وڪيل ناصر ملڪ معرفت سڌي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڄاڻايل علائقي جي ڳوٺ جڙيو ۾ سندس 6 ايڪڙ 14 ويسه زمين آھي جنهن تي بااثر طالب مهر، علي ڏنو مهر، علي حسن مهر ۽ آدم مهر قبضو ڪري ويٺا آھن عدالت پاران درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي جنهن دوران جوابدارن مٿان زمين تي قبضي جو ڏوهه ثابت ٿي ويو جنهن تي عدالت پاران چئن ئي جوابدارن کي 8 اٺ سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائيندي کين هٿڪڙيون هڻي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو واضع رهي ته درخواست ۾ نامزد جوابدار ضمانت تي آزاد هئا
