راولپنڊي، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هڪ مقرري سڀني مٿان ڳري پئجي وئي آهي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد لکي ته ايندڙ 10 ڏينهن دوران ملڪ جي مقدر جو فيصلو ڪنداسين، صحيح فيصلو ملڪ کي صحيح رستي وٺي ويندو ۽ غلط فيصلو ڏڦيڙ پيدا ڪري سگهي ٿو شيخ رشيد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته تباهه ٿيل معيشت وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي. هر حڪومت شوگرملز مالڪان مافيا جي اثر هيٺ هوندي آهي. وڌيڪ شوگرملون سياستدانن جون آهن جيڪي وزارتن ۾ به هوندا آهن جنهن جي سزا عوام ۽ هاري ڀوڳيندا آهن اڳوڻي وفاقي وزير موجوده حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائيندي وڌيڪ لکيو ته هڪ مقرري سڀني مٿان ڳري آهي،موجوده حڪومت صرف پنهنجا ڪيس ختم ڪرايا آهن جيڪي وقت اچڻ تي ٻيهر بحال ٿي ويندا. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي 30 سيڪڙو وڌي وئي آهي، عوام هاڻ بجلي ۽ گئس جا بل به نٿي ڏئي سگهي. 7 مهينن جي 77 وزيرن جي حڪومت نه عوام ۾ وڃي سگهي ٿي نه مسئلا حل ڪري سگهي ٿي
