روھڙي جي ڳوٺ صادلو جي رھواسڻ، بيوه عورت مسمات پيرل ڏني ٻرڙو ،احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي

سکر روھڙي جي ڳوٺ صادلو جي رھواسڻ، بيوه عورت مسمات پيرل ڏني ٻرڙو سکر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته سندس مائٽ علي محمد ولد فيض محمد ٻرڙو 2 سال اڳ ھن کان 4 لک روپيا قرض ورتو ھو جيڪو ھاڻي پئسا واپس نه ٿو ڪري. پئسا گھرڻ تي پنھنجي دوست پوليس اھلڪار شاھد، عمران ۽ ٻين ڌمڪيون ڏيئاري رھيو آھي. اھڙي واقعي جو روھڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ھجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري. جوابدار ڌر موت مار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. ھن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو