سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ طرفان ھنڌو پنچائت جي اليڪشن ڪرائڻ واري ڏنل حڪم وارو معامرو، عدالتي حڪم تي انتظاميا جي گڏجاڻي، اليڪشن لاءِ 9 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي، ڊي سي سکر ڪاميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، ڪاميٽي 15 ڏينھن اندر ووٽ جي رجسٽريشن ڪندي، جنھن کان پوءِ پنچائت جي اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. تفصيل موجب سکر ضلعي انتظاميا جي نگراني ھيٺ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي ھندو پنچائت جي اليڪشن لاءِ ھڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ضلعي انتظاميا جي نمائندن، سکر، روھڙي، پنوعاقل، باگڙجي، ڪنڌرا، صالح پٽ واسي ھندو برادري جي معززن ايشور لال، سيٺ چندر ڀان، جيئرام داس بختياپوري، ھاسانند سچديوَ، نريجن داس، ڊاڪٽر شتروگن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ متفقہ طور تي ضلعي اندر ووٽرز جي رجسٽريشن لاءِ 9 رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي، جنھن ۾ وسند لال، جھامن داس، گنيش عرف موھن لال، امر لال، اشوڪ ڪمار، نريش ڪمار، بسنت لال، ديپڪ راجپال، ٽيڪن داس کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو. سکر ۾ رھندڙ مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ ھندو براري جا شھري پنچائت جي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جي لاءِ اھل ھوندا. مليل ڄاڻ موجب ڪاميٽيءَ جو ڊپٽي ڪمشنر سکر نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، جنھن کان پوءِ ڪاميٽيءَ کي 15 ڏينھن اندر ووٽن جي رجسٽريشن وارو عمل مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي، رجسٽريشن کان پوءِ عدالتي حڪم تي ھندو پنچائت جي اليڪشن لاءِ تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. واضع رھي تہ ھندو پنچائت جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ شھري جئيرام داس بختيارپوري سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ھو تہ پنچائت جي قائدن مطابق ھر ٻن سالن ۾ چونڊون ٿيڻ گھرجن، پر 2006ع کان ھندو پنچائت جون چونڊن ناھن ڪرايون ويون، سال 2017ع ۾ ھندو پنچائت جون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پر چونڊون طئي ٿيل قانون تحت نہ پيون ڪرايون وڃن، درخواستگذار جئيرام داس بختيارپوري مطابق ھندو پنچائت جون چونڊون 1980 جي جوڙيل قائدن ۽ ضابطن تحت ڪرائڻ لاءِ عدالت جو دروازو کڙڪايو، جنھن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ھلندڙ سال 10 سيپٽمبر تي ڊپٽي ڪمشنر سکر کي ھندو پنچائت جون چونڊون ٻن مھينن اندر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو. عدالت طرفان پنچائت جي اليڪشن لاءِ ڏنل ٻن جي مقرر ٽائيم تي اليڪشن ناھي ٿي سگھي، جنھن ڪري اھي امڪان آھن تہ ضلعي انتظاميا عدالت کان اليڪشن جي لاءِ وڌيڪ مھلت طلب ڪندي.
