سکر ويجھو ميان جو گوٽ ۾ درگاه عاليه ميان تاج محمد رحمته الله عليه جي سجاده نشين ميان علي رضا صوفياڻي محفل جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته درگاهون ۽ خانقاهون امن ۽ محبت جون يونيورسٽيون آهن، ان ڪري ئي دنيا گہوارو بڻجي ٿي. امن ۽ محبت جو، صوفي دنياوي آسائشن کان منهن موڙي صرف الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ ۾ مصروف هوندو آهي، صوفين جي ڪلام ۾ پيار ۽ محبت جو پيغام هوندو آهي، صوفين جي دلين ۾ هميشه الله هوندو آهي. عشق مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ، صحابه ڪرام ۽ اهل بيت جي محبت ۽ مصيبت انسانيت جو جذبو پيدا ڪري ٿي، ان موقعي تي پاڪستان ميڊيا ڪائونسل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد رياض کوکر،تنظيم پاڪستاني ڊاڪٽر سعيد اعواڻ ، فقير عزيز الله مهر، فقير شهزادو ٽانوري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي فنڪارن منفرد انداز ۾ صوفياڻو ڪلام پيش ڪري محفل ۾ پيار ۽ محبت جا گل نڇاور ڪيا.
