سکر،پاڪ فوج جي حمايت ۾ قومي امن ڪميٽي برائي بين المذاهب جي سکر ڊويزن پاران صوبائي چيئرمين سعدالله ڪورائي جي هدايت هيٺ ڊويزنل چيئرمين سکر قاضي عرفان علي ۔ياسين کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ هزار فوٽ جو قومي جهنڊو کڻي روهڙي کان سکر پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي ريلي ۾ شامل ورڪرن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جن مٿان نئين آرمي چيف عاصم منير سميت ٻي فوجي قيادت جون تصويرون وارا بينر هئا جڏهن ته ريلي ۾ شامل ورڪرن پاران پاڪ فوج زنده باد ۔ آء ايس آء ۽ ايم آئي زنده باد جا نعرا پڻ پڻ هنيا ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج وطن عزيز جي حفاظت لاء هر وقت سرحدن تي موجود آھي جڏهن ته دشمنن سان مقابلي دوران فوجي جوان ۽ آفيسر ڌرتي امڙ جي حفاظت ڪندي شهادتون به ماڻن ٿا پر ڪجھ ملڪ دشمن عناصر پاڪ فوج جي آفيسرن خلاف اجائي واويلا ڪري پنهجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر ملڪ جو ٻچوٻچو پاڪ فوج سان گڏ آھي اسان کي بهادر پاڪ فوج تي فخر آھي۔
