ڪراچي، عمران خان ۾ همٿ آهي ته سڀ کان پهرين صدر عارف علوي کان استيعفيٰ ڏياري،صوبائي وزير

ڪراچي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ۾ همٿ آهي ته سڀ کان پهرين صدر عارف علوي کان استيعفيٰ ڏياري، اليڪشن جي تاريخ وٺڻ لاءِ آيل عمران خان اسيمبليز تان استيعفائون ڏئي هليو ويو، عمران خان عوام کي بيوقوف پيو بڻائي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ هڪ به منصوبو شروع نه ڪيو، هن رڳو ساڍن ٽن سالن ۾ مخالفن کان انتقام ورتواپوزيشن گوڙ ڪرڻ بدران
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته ريڊ لائن منصوبو تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، سنڌ حڪومت عوام کي ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جلد ڪراچي ۾ بجليءَ تي هلندڙ گاڏيون شروع ڪنداسين.
فيصلو ڪيو اٿئون ته سمورين اسيمبليز مان نڪري وينداسين: عمران خان فيصلو ڪيو اٿئون ته سمورين اسيمبليز مان نڪري وينداسين پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ھو ته رتوڇاڻ کان بچڻ لاءِ اسلام آباد نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو اٿئون، جيڪي هنن کي اين آر او ڏيندا آهن، اُهي ٻڌائين ته توهان کي خدا جو خوف ناهي جو ملڪ تي ايڏو ظلم ڪريو ٿا.
فيصلو ڪيو اٿئون ته سمورين اسيمبليز مان نڪري وينداسين، هاڻي هن نظام جو حصو ناهي ٿيڻو، پنهنجي وڏن وزيرن سان ڳالهايو اٿم،پارلياماني پارٽيز سان مشاورت بعد اعلان ڪندس ته ڪهڙي ڏينهن اسيمبليز مان ٻاهر نڪرنداسين

پنھنجي راءِ لکو