اسلام آباد، دفاع واري وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان جا سمورا خواب مٽيءَ ۾ ملي ويا، هاڻ کيس ڊيڄايندڙ خواب ايندا خواجه آصف هڪ دفعو ٻيهر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنايو ۽ سندس اسيمبليون ٽوڙڻ جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان چورن وڪرو ڪري رهيو آهي، اسيمبليون ٽوڙي چونڊن ۾ 5 سالن جي لاءِ حڪومت ملي ويندي خواجه آصف چيو ته چونڊون وقت تي ٿيون ته 2 صوبائي حڪومتن سان گڏ مرڪز جون چونڊون کٽي وٺنداسين. عمران خان جا سمورا خواب مٽيءَ ۾ ملي ويا، هاڻ کيس ڊيڄاريندڙ خواب ايندا ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان راولپنڊي جي جلسي ۾ خطاب دوران چيو هو ته سمورين اسيمبلين مان ٻاهر نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جلد صلاح مشوري کان پوءِ اعلان ڪيو ويندو
