سکر،جمائت اسلامي سکر سٽي جي امير زبير حفيظ شيخ چيو آھي ته 32 سال اڳ وياجي نظام خلاف شروع ڪيل جدوجهد جاري آھي اسلامي ڦلاحي رياست پاڪستان ۾ 75 سالن کان وياجي نظام سبب ملڪ بد حالي جو شڪار آھي وفاقي شرعي عدالت اسلام جي وياجي نظام خلاف ڏنل فيصلي تي 32 سالن کان عمل نه ٿيڻ ڪري ملڪ کي هلائڻ لاء حڪمرانن کي پنڻو پويٿو اهڙو اظهار هن پراڻي سکر ۾ جمائت اسلامي جي مرڪزي امير پاران وياجي نظام خلاف مهم هلائڻ واري اپيل جي سلسلي ۾ آگاهي ڏيڻ دوران ڪيو ۔زبير حفيظ شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ آئين جي شق f38 ۾ واضح لکيل آھي ته پاڪستان اسلامي ڦلاهي رياست آھي جتي سودي نظام نه ٿو هلي سگهي جڏهن ته باني پاڪستان محمد علي جناح پڻ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي افتتاحي تقريب دوران چيو هو ته هي بينڪ بغير وياج جي ملڪ جي معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي پر ان باوجود پاڪستان ۾ وياجي نظام جاري آھي وياج جو ڪاروبار ڪرڻ الله سان جنگ ڪرڻ آھي وياجي نظام سبب ملڪ ٻه ٽڪڙا ٿي ويو ۽ هن وقت ملڪ مشڪل حالتن ۾ آھي۔
