سکر ۾ روهڙي ٿاڻي جي حد ۾ لوڪو شيڊ وٽ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو، هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو، هٿيار هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته 2 جوابدار فرار ٿي ويا گرفتار جوابدار موٽرسائيڪل ڦرڻ، چوري، ڦر، پوليس مقابلن سميت ڪيترن ئي سنگين وارداتن ۾ پوليس کي گهربل هو گرفتار جوابدار جي قبضي مان پسٽل ميگزين ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن
گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ صادق جاگيراڻي طور ٿي آهي گرفتار جوابدار کي تعلقي اسپتال نيو ويو فرار ٿيلن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي مختلف ٿاڻن ۽ ٻين ضلعن مان گرفتار ٿيل ۽ زخمي ٿيل چورن جا ڪرمنل رڪارڊ جا تفصيل حاصل ڪيا پيا وڃن
