سکرجي يو آء اڳواڻ امير مفتي سعود افضل هاليجوي جي ڪانفرنس

سکر جي يوآء سنڌ جي اڳواڻ ۽ سٽي سکر جي امير مفتي سعود افضل ھاليجوي چيوآهي ته شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو عالم اسلام جو ھيرو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو سچو سپوت ھو ، جنھن ھميشه سنڌ جي مظلوم عوام جو آواز اعلي ايوانن تائين پھچايو ، جنھن جي سياسي سماجي مذھبي ۽ديني علمي خدمتن کي ھميشه ياد رکيو ويندو ، شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو آڄ به اسان جي دلين۾ زندھ آهي ۽ ھميشه رھندو ، اھڙن خيالن جو اظهار جي يوآ۽ اڳواڻ مفتي سعود افضل ھاليجوي جامعه حماديہ منزل گاهه سکر۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي مولانا مفتي رشدالله امروٽي ، مفتي اعظم مھر ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا، جي يو آء سنڌ جي اڳواڻ۽ سٽي سکر جي امير مفتي سعود افضل ھاليجوي وڌيڪ چيوته شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شھادت کي پورا 8سال ٿي ويا آهن پر ان جي قاتلن کي اڃان تائين سزا نه ملي سگهي آهي ، قاتلن کي سزا نه ملڻ انصاف جو قتل آھي ، ھن چيوته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صرف سنڌجو اڳواڻ نه ھو پر پوري عالم اسلام جو ھيرو ھو ، ھن چيوته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قاتلن کي ڦاهي ڏئي اسان سان انصاف فراهم ڪيو وڃي ،چيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ دوست عالم اسلام پرست اڳواڻ ھو، جڏهن ايم ايم اي جي پليٽ فارم تان سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو هو ته سينيٽ جي 6 سالن دوران سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي حقن ۽ ماروئڙن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو، شھيد خالد محمود سومرو، ڪالاباغ ڊيم کان وٺي ڀاشا ڊيم ۽ ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي موت سميت آواز اٿاريو، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سياست جي شروعات جمعيّت علماء اسلام جي ذيلي تنظيم جي ٽي آء جي پليٽ فارم تان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ڪئي، ايم آر ڊي تحريڪ دوران جيل به ڪاٽيو ۽ 7 ڀيرا جمعيّت علماء اسلام سنڌ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو، سنڌ جي حقن لاءِ قومپرست ڌرين کي گڏ کڻي هلڻ جو ھنر وٽس ھو، شھيد خالد محمود سومرو جي يوآء جي نمائندگي ڪندي 2006ع کان وٺي 2012ع تائين ھڪ ڀيرو سينيٽر رھيو، ھو جيڪو به وقت سينيٽ ۾ رھيو پوري ملڪ سميت سنڌ جي حقن لاءِ پڻ وڏي جدوجهد ڪئي

پنھنجي راءِ لکو