ٺڪراٺي ۾ همدرد منگي ويلفيئر ايسوسيئيشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو جنهن جو چيف آرگنائزر ڊاڪٽر امداد حسين منگي کي مقرر ڪيو ويو ٺڪراٺي ۾ همدرد منگي ويلفيئر ايسوسي ايشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو جنهن چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر امداد حسين منگي کي مقرر ڪيو ويو ان ميڙاڪي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن کان منگي برادري جي معززين شرڪت ڪئي مقررٿيل چيف آرگنائيزر همدرد منگي ويلفيئر ايسوسيئشن امداد حسين منگي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پهرين مرحلي ۾ پوري سنڌ ۾ رهندڙ منگي برادري جي ميمبر سازي ڪئي ويندي ان کان بعد منگي برادري جو ميڙاڪو ڪري صوبائي صدر ۽ ان جي ڪابينا مقرر ڪئي ويندي همدر منگي ويلفيئر ايسوسي ايشن کي رجسٽرڊ ڪرايو ويندو جنهن جا هيٺيان نقطا هوندا 1 منگي برادري کي هڪ پليٽ تي گڏ ڪرڻ 2 غريب برادري جي ماڻھن جي اولاد کي بهتر کان بهتر تعليم ڏيارڻ ۽ غريب برادي جي نياڻين جي لاء ھنري اسڪول کولرائڻ 3 منگي برادري مان هڪ ٻي جون رنجشون ختم ڪرائڻ 4 پوري سنڌ ۾ غريب ۽ بي روزگارن لاء روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ 5 تعليمي ادارا کولرائڻ 6 منگي برادري جي هر ڏکي گھڙي ۾ مدد ڪرڻ ء ٻيا چڳ ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ شامل هوندا
