ضلعي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني؛اغوا جي وارداتن ؛؛؛ ڦرن ؛ڌاڙن ؛چورين ؛موٽرسائيڪلز جي چوري۽ موٽر سائيڪلز جي ڦرجڻ ؛روڪ رقم جي وارداتن خلاف شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ احتجاجي تحريڪ جو اعلان؛؛؛ضلعي جي پوليس خاموش ؛عوام خوف ۽ حراس ۾ ورتل ضلعي ڪشمورائٽ ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني جي لھر جنھن۾ اغوا ؛موٽرسائيڪلز جي ڦر واقعن ؛روڪ رقم کسڻ سميت موٽر سائيڪلز جي چورين جي دم مچي وئي آھي ۽ پوليس ڪيترن ئي مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي جنھن ڪري پوري ضلعي۾ خوف۽حراس واري لھر ڇانيل آھي؛جڏھن ته روڊن تان ؛مڇي فارمن تا روز مزدوري ڪندڙن ۽ ٽرڪن جي ڊرائيورن کي اغوا ڪرڻ معمول بڻيل آھي انھي ڪري ضلعي جي امن امان کي بحال ڪرائڻ سميت بدامني خلاف شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جو اھم اجلاس شھري اتحاد جي سرپرست حاجي حضوربخش مغل۽صدر ڊاڪٽر مھر چند جي صدارت۾ ٿي گذريو جنھن۾ سٺ جئيرام داس ؛ آغا عبدالفتاح پٺاڻ ؛رياض احمد ڏاھاڻي ؛فيض محمد لوھر حافظ عبدالقادر سيال ؛عبدالفتاح مغل ۽ مون غلام ياسين لاشاري به شرڪت ڪئي اھم اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شھر جي مختلف ڪاروباري يونين جي اڳواڻن ؛دوڪاندارن ؛شھر جي معزيزين سميت مختلف سياسي ؛سماجي ؛مذھبي تنظيمن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي تحريڪ ۾ احتجاج ؛بک ھڙتال سميت شٽر بند ھڙتال جو به سڏ ڏنو ويندو جڏھن ته شھرين کي ڀرپور احتجاج ۾ شرڪت لاء بازارن ۽ چوراھن تي احتجاجي پمفليٽ پڻ تقسيم ڪيا ويندا؛جلد احتجاج جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو
