اسلام آباد، قومي ادارن خلاف تڪراري بيانن جي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي جي جسماني ريمانڊ ۾ چئن ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي کي سينئر سول جج محمد شبير جي عدالت ۾ ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي پيش ڪيو ويو. اڄ ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) طرفان جوابدار جو وڌيڪ 6 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي ايف آءِ اي جي وڪيل چيو ته جوابدار کان اڃان موبائيل ٽوئيٽ اڪائونٽ بابت وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي جنهن لاءِ وڌيڪ رمانڊ ڏنو وڃي ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت جي آڏو استدعا ڪندي چيو ته جوابدارن کي حياتي کي خطرو آهي ان لاءِ پيشي کان ڇوٽ ڏني وڃي. سينيٽر اعظم سواتي طرفان بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته سيڪيورٽي خدشن سبب جوابدار کي پيش ناهي ڪيو ويو، ان موقعي تي اعظم سواتي جي وڊيو لنڪ ذريعي حاضري لڳائي وئي عدالت پيشي کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
