اسلام آباد،چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي: عمران خان مٿان ڏنڊ برقرار، راڻا ثناءُالله مٿان ختم

اسلام آباد، اليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جي ڪيس ۾ عمران خان مٿان ڏنڊ برقرار رکيو جڏهن ته راڻا ثناءُالله مٿان ڏنڊ ختم ڪرڻ جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن چونڊ اخلاق جي ڀڃڪڙي جي ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ سندس مٿان ڏنڊ برقرار رکيو. فيصلي ۾ عمران خان مٿان 30 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو هو ،فيصلي موجب پشاور ۾ ننڍي چونڊ دوران چونڊ اخلاقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي هئي جنهن تي عمران خان کي 3 ڏينهن دوران اپيل ڪرڻي هئي پر اپيل جو وقت گذرڻ تي اليڪشن ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو هو. ياد رهي ته ريٽرننگ آفيسر عمران خان مٿان 30 هزار ڏنڊ لاڳو ڪيو هو جنهن جي خلاف عمران خان اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو هو ،هوڏانهن اليڪشن ڪميشن وفاقي گهرو وزير راڻا ثناالله جي خلاف به چونڊ اخلاقن جي ڀڃڪڙي جي معاملي تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ فيصلو ٻڌايو جنهن موجب ڏنڊ خلاف اپيل منظور ڪئي وئي آهي ۽ راڻا ثناءُالله خلاف لڳايل 10 هزار روپين جو ڏنڊ ختم ڪيو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو