سکر بيواهن غريب مسڪينين ماروئڙن جي مدد لاء ڦهول ونتي باگڙي هڪ مسيعا عورت جي صورت ۾ انسانعيت جي خدمتگار بڻجي ڳوٺ لاکا ۾ پهچي وئي جتي سنڌ ڌرتي تي بک بدحالي بي روزگاري واري زندگي گذارڻ وارن مسڪينين ماروئڙن وٽ پهچي 5 سؤ روپين کان 2 هزار روپين تائين جي روڪ رقم ڏئي دعائون ورتيون انهي موقعي تي ڦهول ونتي باگڙي ڳالهائيندي چيو ته هي دنيا بلڪل ڪوڙ فريب دوکي کان سواء ڪجھ به ناهي مان الله پاڪ تي يقين رکان ٿي اصل زندگي اتي آھي انهي ڪري مان فيصلو ڪيو آھي بقايا زندگي الله پاڪ کي راضي ڪرڻ ۾ گذري وڃي ته جيئن آخرت من ٺھي پوي هاڻي منهنجو هن دنيا ۾ ڪوبه نه رهيو آهي مان پنهنجي روز مره ڪمائي مان رقم گڏ ڪري مسڪينن ۽ الله جي بندن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿي
