ڪنڌڪوٽ:تنڱواڻي لڳ 3 سالن جي مسرور بکراڻي جي اغوا خلاف ڌهرڻي جو ڏيک

تنگواني شھر جي بکراڻي پاڙي مان ٽن موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل ٽن سالن جي معصوم نينگر مسرور بکراڻي جي بازيابي لا۽ سندس وارثن مشتاق احمد۔ فاروق احمد۔ منظور احمد ۽ سليمان بکراڻي جي اڳواڻي ۾ چمني شاخ ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو آھي۔ ان موقعي تي وارثن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڏوھارين جو راڄ برقرار آھي۔ ڏوھاري ايترو زور وٺي ويا آھن جو ٽن سالن جي معصوم ٻارن کي به بخش نٿا ڪن ۽ ڀنگ جي حوس ۾ کين اغوا پيا ڪن۔ نينگر جي والد فاروق احمد روئيندي چيو ته منھنجو نينگر ھن ٿڌ ۾ الائي ڪھڙي حال ۾ ھوندو۔ احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ٻن ڏينھڻ اندر نينگر بازياب نه ٿيو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو۔*

پنھنجي راءِ لکو