ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي جي ڪوششن سان گرلز ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ جي منظور ٿيڻ بعد ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي ايڪسين ايجوڪيشن ورڪس ڀٽائي اسڪول هائي اسڪول ڪنڌڪوٽ, گلرز هاء اسڪول جو دورو ڪيو .ان موقعي تي ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جو چوڻ هو ته گرلز ڊگري ڪاليج جو ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو ويندو ان لاء ڪوششون تيز ڪري رهيا آهيون اسان جي ڪوشش آهي ته ڪاليج وچ شهر اندر هجي ته جئين نياڻين کي تعليم جي رسائي ۾ آساني ٿئي.ان موقعي تي ايجوڪيشن ورڪس ايڪسين ٻڌايو ته تقريبن هڪ لک اسڪوئر فوٽ جگه گهربل آهي جنهن لاء مختلف اسڪول جو دورو ڪري رهيا آهيون جلد موزون جاء تي ڪاليج جو ڪم شروع ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڊولپمينٽ انچارج ,۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.
