سکر،عدالت جي حڪم تي سکر موٽر موٽر ورڪس ايسو سي ايشن جون 10 ڊسمبر تي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاء سکر موٽر مورڪس جي ٽن پينلن عوامي پينل موٽرورڪس۔عوام دوست پينل موٽر ورڪس ۽ آزاد موٽر ورڪس پينل جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مشترڪه موٽرورڪس پينل جي پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو اجلاس ۾ محمد نديم مغل۔شھزاد کوکر۔محمد اڪرم مستوئي۔غلام نبي مهر۔هدايت الله کوسو۔شفيق احمد ڀٽي۔محمد عمران۔عبدالرشيد۔عبدالغني۔محمد قمر ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته مشترڪه موٽر ورڪس پينل مستري ڀائرن جي جائز مسئلن کي حل ڪرائڻ سميت ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني ۾ صفائي سٿرائي ۔بجلي۔پاڻي جي نيڪال ۽ مسئلن جي خاتمي لاء ڀرپور ڪوششون ڪبيون جڏهن ته مسترين سان ماضيء ۾ ٿيل ناانصافين جو آزالو ڪرائينداسين ڪالوني جي پلاٽن ۾ ٿيل گهوٻين خلاف به ڪاوائي ڪرائينداسين اڳوڻن ڪرپٽ عهديدارن جي ووٽ ذريعي رستا روڪ ڪئي ويندي۔آخر ۾ مشترڪه پينل جي سمورن ميمبرن کي پينل سان وفاداري جو حلف پڻ کڻايو ويو شفيق احمد ڀٽي سمورن ميمبرن کان حلف ورتو۔
