ڪراچي،پاڪستان پيپلز پارٽي جو يوم تاسيس: اڄ ڪراچي ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو

ڪراچي، پاڪستان پيپلز پارٽي 55هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ اڄ ڪراچي جي نشترپارڪ ۽ چوڌاري وارن علائقن کي پيپلز پارٽي جي جهنڊن ۽ بينرز سان سجايو ويو آهي يوم تاسيس جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ ڪراچي ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي. نشتر پارڪ ۾ يوم تاسيس جي حوالي سان ٿيندڙ جلسي کي بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو. جنهن جون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب يوم تاسيس بابت تيارين ۽ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي جيالن کي يوم تاسيس جي تقريب ۾ پهچڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.هوڏانهن صوبائي وزير سعيد غني جلسي گاهه جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته اربع تي ورڪنگ ڊي آهي عوام کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ پلان ترتيب ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻ ضلعي نه پر يوسي سطح جا قافلا شرڪت ڪندا. صوبائي وزير اهو به چيو ته اڄ پ پ عورت ونگ طرفان پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي. اربع جي شام چئين وڳي جلسو منعقد ٿيندو سعيد غني وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه آئين شڪني خلاف جدوجهد ڪندي رهي آهي پيپلز پارٽي جي مشوري تي عمل ٿيو تڏهن ئي سليڪٽيڊ کان ڇوٽڪارو مليو. 2007 ۾ سڀني پارٽين بائيڪاٽ جو ارادو ظاهر ڪيو. ان وقت به پيپلز پارٽي سڀني کي قائل ڪيو. جيڪڏهن پ پ چاهي ها ته ون ٿرڊ اڪثريت کڻي سگهي ٿي ٻئي طرف پيپلز پارٽي لاهور جي اهتمام هيٺ 55هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ تقريب جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي 55هين يوم تاسيس تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي باني جي فلسفي ۽ منشور تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جمهوريت، انساني حقن ۽ مساوات جي علمبردار آهي. اسان مشڪل ترين حالتن جو جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو آهي بلاول ڀٽو اهو به چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جون جڙون عوام ۾ موجود آهن. ايندڙ عام چونڊن کان پوءِ وفاق سميت چئني صوبن ۾ عوامي حڪومت هوندي. هاڻ ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت مضبوط ٿيندي

پنھنجي راءِ لکو