ڪنڌڪوٽ ڊر ـ ڪنڌ ڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد لوھي پل لڳ ڳجھي اطلاع تي ايس ايڇ او گل محمد مھر جي اڳواڻي ۾ ناڪا بندي دوران موٽر سائيڪل جو چاٻي چور جو مک چور عبدالواحد شيخ کي پوليس مقابلي بعد چوري ٿيل موٽر سائيڪل ۽ ٽي ٽي پسٽل سميت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو جڏھن تـ رات جي اونداھي جو فائدو وٺي 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا رابطي تي ايس ايڇ او اي سيڪشن گل محمد مھر ٻڌايو تـ فرار ٿيل ساٿين بابت پڇا ڳاڇا پڻ جاري آھي ھنن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو
