ڪوئٽه، ڪچلاڪ باءِ پاس ويجهو پوليس ٽرڪ مٿان خودڪش حملو، 2 ڄڻا شهيد، اهلڪارن سميت 24 ڄڻا زخمي

ڪوئٽه، بليلي ڪسٽم جي علائقي ۾ ڪچلاڪ باءِ پاس تي بلوچستان ڪانسٽيبلري ٽرڪ تي خودڪش ڌماڪي ۾ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا شهيد جڏهن ته 20 پوليس اهلڪارن سميت 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا رپورٽ موجب ڌماڪو ڪچلاڪ باءِ پاس تي پوليس جي ٽرڪ ويجهو ٿيو. جنهن ۾ ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿي پيا. واقعي کان پوءِ پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن موجب ڌماڪو خودڪش هو، دهشتگردن طرفان بلوچستان ڪانسٽيبلري ٽرڪ کي نشانو بنايو ويو.ٽرڪ ۾ سوار پوليس اهلڪار پوليو مهم لاءِ ڊيوٽي تي وڃي رهيا هئا. ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ ۽ ايمبولينس واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آهن جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڌماڪي سبب ويجهو کان گذرندڙ گاڏين کي به نقصان پهتو آهي گاڏي ۾ سوار هڪ عورت جي پڻ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.هوڏانهن ڪوئٽه جو ڊي آءِ جي ظفر مهيسر واقعي واري هنڌ پهتو جتي هن ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 20 پوليس اهلڪار ۽ 3 شهري زخمي ٿيار آهن. ڌماڪو خودڪش هو جنهن ۾ 20 کان 25 ڪلو گرام بارودي مواد استعمال ٿيو. هن چيو ته پوليس اهلڪار پوليو مهم دوران سيڪيورٽي لاءِ وڃي رهيا هئا. بلوچستان جي وڏي وزير به ڪانسٽيبلري ٽرڪ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان کي دهشتگردن جي هڪ بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏنو ۽ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله بليلي چيڪ پوسٽ بلوچستان ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي پوليس اهلڪارن ۽ ٻارڙي جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي هن زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحياتي جي لاءِ دعا ڪئي. گهرو وزير چيو ته ڌماڪو ظاهري طور تي خودڪش لڳي ٿو، بلوچستان حڪومت کان واقعي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردن جو ٽارگيٽ پوليس پارٽي هئي، پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو قوم کي سندن قربانين تي فخر آهي

پنھنجي راءِ لکو