اعظم سواتي خلاف داخل ڪيل سمورا ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي درخواست داخل

اسلام آباد. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ تڪراري ٽوئٽ جي جوابدار سينيٽر اعظم سواتي خلاف داخل سمورا ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي تڪراري ٽوئيٽ جي جوابدار تحريڪ انصاف اڳواڻ سينيٽر اعظم سواتي خلاف داخل سمورا ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.درخواست اعظم سواتي جي وڪيل بيرسٽر بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي جنهن ۾ وفاق، ڊي جي ايف آءِ اي، آءِ جي سنڌ، بلوچستان کي ڌر بنايو ويو آهي درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ويو آهي ته ايف آءِ اي اعظم سواتي کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو. ايف آءِ اي جي ڪيس کان پوءِ سموري ملڪ ۾ اعظم سواتي خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا درخواست ۾ استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اعظم سواتي کي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ داخل ڪيسز ۾ پيش ٿيڻ تي سيڪيورٽي خطرا آهن. اعظم سواتي خلاف داخل ڪيسن کي گڏ ڪري اسلام آباد منتقل ڪيو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جي التوا دوران داخل ڪيسن تي ڪارروائي معطل ڪئي وڃي

پنھنجي راءِ لکو