تحريڪ انصاف ٻين سياسي پارٽين جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي تڪڙي فيصلي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد، پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان ٻين سياسي پارٽين جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيسز تي جلد فيصلي لاءِ نئين درخواست اڄ خميس پهرين ڊسمبر تي داخل ڪئي وئي آهي پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳ کان ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ گڏيل درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته(ن) ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيسز جو فيصلو جلد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. اڳوڻي مملڪتي وزير طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن کي هدايت ڪئي وڃي ته (ن) ليگ، پ پ ۽ ٻين سياسي پارٽين جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيسز جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف جيان ٻين پارٽين جا پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ٻڌڻ ۾ اليڪشن ڪميشن ناڪام رهيو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٻين سياسي پارٽين کي موقعو ڏنو ويو آهي ته هو تحريڪ انصاف خلاف غلط رپورٽ جو سياسي فائدو کڻن. اهڙي طرح جا طريقا جمهوريت تي سڌو سنئون حملو آهن. تحريڪ انصاف ۽ ان جي ميمبرن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. جمهوريت جي تحفظ لاءِ پٽيشن ۾ کنيل اهم سوالن جو فيصلو ڪيو وڃي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فرخ حبيب طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو