اوٻاوڙو، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو جو رائونتي ڪچي جي مختلف پوليس چوڪين جو دورو وڌيڪ چوڪس رهڻ جون هدايتون جاري.ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن بي گناھ سان ناانصافي نه ڪنداسين ۽ ڏوهارين کي بخش هرگز نه ڪيو ويندو رائونتي ڪچي جون پوليس چوڪيون وڌيڪ مضبوط ڪيون وينديون. پوليس آفيسرن جي شهادت کان پوءِ رائونتي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف وڏي آپريشن جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي انشاء الله رائونتي ڪچو ڏوهارين کان خالي ڪرائينداسون. هاڻي اغوا ڪاري مغوين سان زنا ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ اڻينداسين پڪي تي ويٺل سهولتڪارن جون ٻه لسٽون تيار ڪيون ويون آهن تمام جلد انهن کي به گرفتار ڪنداسين.
